ڪوروناوائرس تي ڪٿي سياست ته نه پئي ٿئي؟



By  Dr. Ghulam Abbas Mahesar
M.B.B.S,M.A.C.P(America)

       پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس آھستي آھستي پنهنجي اختتامي مرحلي جي طرف وڃي پيو ۽ منهنجي ذاتي راء موجب پندرهين مئي کانپوء هن ۾ خاصي ڪمي محسوس ٿيندي،خواه مخواه Panic Disorder  ڦھلائي  ڪيترائي ملڪ پڳداري جي ڊوڙ ۾ هڪٻئي کان گوء کڻڻ جي چڪر ۾ آھن،بيماري موجود آھي ليڪن ان کي ايڏي وڏي پئماني Large scale تي کڻي اچڻ جا به ڪيترائي اغراض و مقاصد آھن۔
     هينئر ته ايتري ڳاله وائکي ٿي پئي آھي ته دنيا جي اندر ڪيترين ئي NGOs کي بل گيٽ پئسو پهچائي رهيو آھي ۽ اهي اين جي اوز اهي پئسا ڪورونا جي مريض طور ڪنهن جي به Announcement تي ٽيه هزار ڊالر Donate ڪن ٿا ۽ ڪوبه موت ڪورونا جي وجه کان Declare ڄاڻائڻ تي هڪ لک ڊالر تائين جي رقم ڏني وڃي ٿي ۽ سنڌ اندر به سنڌ حڪومت ۽ ڪيترين اسپتالن جي Directors جي طرفان به اهڙي قسم جو گڏيل منصوبو بنايو ويو ھيو ۽ ان منصوبي ۾ ملڪي ميڊيا به پنهنجو خوب حصو پتي وڌو ۽ اها پروپيگنڊا ڪئي وئي ته مختلف اسپتالن ۾ جيڪي ستن هزارن جي قريب مريضن کي آندو ويو هيو ۽ انهن جي Suddenly Death ٿي،سا  Probably ڪورونا جي وجه کان هئي ۽ انهيء خبر سڄي ملڪ جي اندر هڪ هيجاني ڪيفيت پئدا ڪري  ڇڏي ۽ اهڙي قسم جون ڪافي ڳالهيون سمجه ۾ نه ايندڙ آھن ۽ اهي ڳالهيون اسان جي ماڻھن ۾  شڪ ۽ شبها پئدا ڪري رهيون آھن ته واقعي به اسان جي ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جي اندر ڪورونا جا ايترا Cases به آھن يا صرف ئي صرف ڊالر ڪٺي ڪرڻ جي لاء هڪ جهاد ڪيو پيو وڃي۔۔۔
ستن هزارن ماڻھن جي مرڻ واري ڳاله سنڌ حڪومت جي فضول ۽ ڪوڙي نڪتي ڇوته ان ۾ جان انهيء وجه کان به ڪونه هئي ته ڊاڪٽرن پئي چيو ته اسان کي فوتين جا لواحقين پوسٽ مارٽم ڪرڻ ڪونه ٿا ڏين۔۔۽ پوسٽ مارٽم ڪرڻ به ڇو ڏين؟!!!ڇا ڪنهن به قانون جي اندر اهڙو Provision موجود آھي جو طبعي موت مرندڙ ماڻھوء جو پوسٽ مارٽم  ڪيو وڃي۔۔
چين مان اسان وٽ وائرس نه آيو جيڪو به هڪ سواليه نشان آھي پر هڪ ته ايران مان موٽيل زائرين مان اسان ۾ وائرس آيو ۽ جڏهن اها Theory پنهنجي موت پاڻ مري وئي ۽ شيعا سني فساد پئدا نٿي سگهيا ته وري هڪ ٻئي ٿيوري جوڙي وئي ته تبليغي جماعتين مان وائرس ڦھلجي ويو آھي،جيڪا به ٿيوري ديوبندي مڪتبه فڪر خلاف نفرت انگيزي ڦھلائڻ جو هڪ طريقو هيو،ڀائي ڪورونا وائرس نه شيعو هوندو آھي ۽ نه سني هوندو آھي،بس وائرس هڪ وائرس هوندو آھي،جيڪڏهن ان وقت ۾ ملڪ جون حساس law enforcement agencies behind the screen role play نه ڪن ها ته ملڪ فرقي پرستي جي بنياد تي خانه جنگي جي طرف وڃي پئي سگهيو ۽ مان انهيء وقت دوران مخالف نظرين جي ماڻھن جا Comments پڙھندو هيم ته تمام گهڻو خوفزده ٿي ويندو هيم ته هي ڪورونا ڪٿي اسان جي وجودن کي ئي ميساري ته نه ويهندو؟؟؟!!!
*ڪورونا جي False propagation جو اندازو هڪ ان ڳاله مان به لڳائي سگهجي ٿو ته ڪورٽ سڳوري به سنڌ حڪومت کان باز پرسي ڪئي آھي ته اربين روپين جو راشن ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙن ڪهڙن غريبن ۾ ورهايو ويو آھي؟!!!جيڪو سنڌ حڪومت وٽ ڪوبه جواب ڪونهي ڇوته انهن نج نبار اسلامي حڪمن جي مطابق ورهاست ڪئي آھي ته هڪ هٿ سان ايئن ڏيو جو ٻئي هٿ کي به خبر نه پئي۔۔۔۔۔۔
اڄ ڪراچي جي ڪنهن ضلعي جي ڊي سي صاحب جو مون عدالت ۾ پيشي دوران بيان پڙھيو ۽ ان ۾ ڊي سي صاحب عدالت سڳوري کي ٻڌايو ته في ڪٽو ۾ اوڻويه هزار روپين جو راشن وجهرائي ورهايو آھي،نهايت ئي سليقي سان ان عدالت سڳوري کي مطمئن ڪيو۔مونکي اهڙين ڳالهين مان بلڪل به شڪ محسوس ٿئي ٿو ته ڪورونا کائڻ پيئڻ ۽ عياشي ڪرڻ جو ذريعو بنايو ويو آھي ڇوته عمران خان جي حڪومت جي طرفان احساس پروگرام جي مد ۾ ڏنل ٻارهن ٻارهن هزار روپيا ته ظاهر ٿين ٿا ته واقعي ماڻھن کي بغير مت ڀيد جي ڏنا ويا پر سنڌ حڪومت جو راشن صرف ڪاغذن ۾ ئي ڪنهن ڪاتب لکي ڇڏيو!!!
ان کان علاوه هڪ ٻئي ڳاله به مونکي سوچڻ تي مجبور ڪيو آھي ته اگر ڪورونا سنڌ جي اندر ايتري تباهي ڦھلائڻ جي capacity رکي ٿو جو سنڌجي ڊاڪٽرن کان نهايت دونهيندار پريس ڪانفرنس ڪرائي وئي ۽ وڏي اچرج جي اها ڳاله هئي ته انهن ڊاڪٽرن جي اڪثريت جو تعلق پيپلز ڊاڪٽرس فورم سان هيو ۽ وڏي ڳاله ته انهن ڊاڪٽرس جون ڪورونا اسپتالن ۾ Duties ئي ڪونه هيون ۽ مٿان پنجاب،ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ مسلم ليگ  ڊاڪٽرس فورم کي اڳيان ڪري پريس ڪانفرنس ڪرائي سنڌ حڪومت وارن ٻن قسمن جو فائدو ورتو،هڪ ته انهن بظاهر ملڪ جي ماڻھن کي باور ڪرايو ته پنجاب،ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان به سنڌ کي Follow ڪري رهيا آھن ۽ ٻيو ملڪ جي ماڻھن  کي نهايت ئي Panic ۾ مبتلا ڪيو ويو!!!!
سوال آھي ته جڏهن situation ايتري خوفناڪ ۽ حولناڪ هئي جو ٻه ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽرن خبردار پئي ڪيو ته پوء ڪاله سنڌ ڪابينا لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ تي ڪيئن پئي غوروفڪر ڪيو؟!!! جڏهن ته ان جي تصديق سنڌ جي وزير اطلاعات ناصر شاه صاحب ايتري قدر ڪري ورتي آھي ته آھي سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جو اعلان نه ڪيو آھي بلڪه لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ تي سوچيو ضرور ويو آھي!!!انهيء مان ڇا سمجهجي ته ڊاڪٽر صاحبان جو لاڪ ڊائون جي حق ۾ جيڪي ڳالهيون هيون سي بهتر هيون ته پوء سنڌ حڪومت کي وري ڇا ٿيو جو لاڪ ڊائون کي ختم ڪرڻ لاء سوچي رهي آھي۔۔۔
هڪ ٻئي ڳاله به مونکي سوچڻ تي مجبور ڪيو آھي ۽ اها هيء ڳاله آھي ته اوهان جيو چينل ۽ خاص طور تي جيو جو شاهزيب خانزاده جي ميزباني وارو ڪلاڪ جو شو ڏسندئو ته بس ايئن سمجهبو ته سڄي سنڌ ڪورونا ۾ وٺجي وئي آھي ۽ وري دنيا نيوز جو ڪامران خان وارو شو ڏسندئو ته خبر پوندي ته ڪورونا پنهنجي پڄاڻي جي طرف وڌي رهيو آھي!!!
مونکي ڪنهن ٻڌايو ته SOPs جيڪي حڪومتن جي طرفان ڊاڪٽرن کي جاري ڪيا ويا آھن،اهي اهي آھن ته ڪوبه ٽي،بي،نمونيا،سهڪي ۽ دم،دل جي بيماري،ڪينسر جي بيماري،بڪين جي بيماري وارو مريض ھجي ته ان کي covid 19 declare ڪيو وڃي ته جيئن مريضن جو تعداد وڌايو وڃي ۽ فوتگين جي تعداد ۾ به اضافو ڪيو وڃي!!!۽ بلڪل انهيء سبب جي ڪري سمورين ڪينسر اسپتالن،دل جي اسپتالن،بڪين ۽ ڇاتيء جي اسپتالن کي بند ڪرائي ڊاڪٽرن کي موڪل ڪرائي وئي آھي ته جيئن انهن  serious مريضن جو  اسپتالن ۾ علاج نٿي سگهي ۽ اهي سموريون فوتگيون ڪورونا وائرس جي کاتي ۾ شامل ڪيون وڃن!!!
مونکي اها به ڳاله سمجه نٿي اچي ته سعيدغني صاحب جي ٽيسٽ positive ۽ وري چئن ڏينهن کانپوء Negative ٿي وئي،تبليغي جماعتين جون ٽيسٽون positive ۽ ڇهن ڏينهن کانپوء Negative اچي ويون ۽ گورنر سنڌ جي ٽيسٽ پازيٽو آئي آھي ۽ وري هفتي کانپوء واه واه ٿي ويندي ۽ ٽيسٽ Negative اچي ويندي۔۔۔۽ ان کان علاوه مونکي اها ڳاله به منجهائي ٿي ته اوهان آغا خان ويندئو ته ٽيسٽ پازيٽو ايندي ۽ وري ان ئي مريض کي کڻي ايس آء يوٽي ويندئو ته ٽيسٽ Negative اچي ويندي ۽ وري اهو ئي مريض سول يا جناح ۾ ويندو ته سندس ٽيسٽ پازيٽو ايندي ته سوال آھي ته آخر ڪهڙيون Kits ۽ ڪهڙيون Laboratories صحيح آھن ۽ ڪهڙيون kits ۽ ڪهڙيون Laboratories غلط آھن؟!!!!
کنگه،زڪام ۽ بخار جنهن کي هجي ته معني اهو قرنطينه ۾ هليو وڃي يعني اهي علامتون ته هر ٽئين ماڻھوء ۾ موجود هونديون،مقصد ته جيئن قرنطينه ڀريون پيون هجن ۽ ماڻھو خوف ۾ مبتلاهجن!!!
مان ايئن ڪونه ٿو چوان ته ڪو ڪورونا اسان جي ملڪ ۾ موجود ڪونهي يا اسان کي احتياطي تدبيرون نه وٺڻ گهرجن پر منهنجو اهي سموريون ڳالهيون لکڻ جو سبب اهو آھي ته خاص طور تي سنڌ حڪومت جو اهو Plan آھي ته وڌ ۾ وڌ ماڻھن کي ڊيڄاري ڌمڪائي انهن کي هڪ طرف ته ذھني اپاهج بنائجي ۽ ملڪ جي اندر economical crisis اچي وڃي ۽ عمران خان جي حڪومت گهر ڀيڙو ٿي ۽ انهيء پوائنٽ تي وزير اعظم عمران خان  سوچڻ به شروع ڪري ڏنو آھي ته ڪٿي سندس جي حڪومت کي هڪ خطرناڪ معاشي crisis ۾ مبتلا ڪري ختم ته نه پيو ڪيو وڃي ۽ ان Law enforcement agencies کي تحقيق ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جون سخت ترين هدايتون به ڏنيون آھن ڇوته ڪورونا جي سياست سبب سڀاڻي نه صرف ڪيتريون ئي حڪومتون ڀڄ ڊاه جو شڪار ٿينديون بلڪه ڪيترائي  ملڪ دنيا جي نقشي تان مٽجي به سگهن ٿا ڇوته دنيا جي اندر Resetion آيو ناهي بلڪه  لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ کانپوء ئي Restion جو هڪ وڏو طوفان اچڻوآھي!!!

Post a Comment

0 Comments