Govt of Sindh Open lockdowns till 31 May 2020



Government of Sindh, Home Department regarding has issued new instructions for opening of partial lockdowns which will be effected with from 11 May 2020.  It is highlighted that lockdowns have been imposed in Sindh since Mar 2020 due to outbreak of COVID 19.  These orders will be effected upto 31 May 2020.  Details of these orders are as under:-

گورنمينٽ آف سنڌ هوم ڊپارٽمينٽ آرڊر نمبر
SO(Jud-I)HD//8-1(04/2020-Corona Karachi dated 10.05.2020
.1     هي آرڊر تاريخ 10.5.2020 کان مورخه   31.5.2020  تائين لاڳو رهندو.
.2     اهي سموريون پابنديون يا بين وغيره ، ٽائيمنگ جيڪي هن آرڊر کان اڳ جاري ڪيل آرڊر نمبر SO(Jud-I)HD//8-1(04/2020-Corona تاريخ 14.4.2020  ۽ 23.4.2020 ۾ ڏيکاريل  هيون اهي ساڳيون رهنديون.
ماڻهن جي چرپر تي پابندي
ماڻهن جي چرپر يا پرسنل ٽرانسپورٽ تي وقت 1700 کان 0800 بجه تائين مڪمل پابندي هوندي.
هيٺيان شعبا يا ڪاروبار مڪمل بند رهندا.
  •  شآپنگ مال ، پلازه
  •  حجام جا دوڪان، بيوٽي پارلر ، سيلون،
  •  گيم سينٽر، وڊيو گيم، ڊبو، ڪرم بورڊ جا دوڪان .
  •  ريسٽورينٽ ۽ هوٽل ) هوم ڊليوري ، اهي هوٽل جيڪي ڊرائيورن لاءِ
  • مخصوص آهن جيڪي هاءِ وي تي هجن انهن لاءِ اجازت آهي (
  •  رانديون ، ميوزڪ شوز يا ناچ ڳائڻ جا موقعا وغيره.
  •  پارڪ وغيره .
  •  پبلڪ ٽرانسپورٽ ضلعي اندر ۽ بين الصوبائي.
  •  تعليمي ادارا.
  • مسجدون ، شادي حال، سينيما گھر .
  •  هر قسم جا جلسا جلوس ، اجتماع ، گڏجاڻيون.
  •  جيم خانا ) ورزش واري جآءِ(

هيٺيان ڪاروبار صبح جو اٺين وڳي کان شام جو پنج بجه تائين پوروهفتو کليل رهندا.
  •  ريزڪي يا پرچون جو دوڪان.
  •  ڪپڙي جا دوڪان .
  •  شوز / بوٽ وغيره جا دوڪان
  •  بيڪريون، گوشت ، مرغي، مڇي جا دوڪان،
  •  فروٽ ۽ ڀاڄين جا دوڪان.
  •  کير جا دوڪان.
  •  جنرل اسٽور.
  •  ميڊيڪل اسٽور.
  •  تعميارتي ڪم ڪرڻ وارا دوڪان ) رازا ، مزدور وغيره (
  •   PVC ۽ اسٽيل جي پائيپن وارا دوڪان .
  •  اليٽرڪ ) بجلي ( ڪيبل واري سامان وارا دوڪان.
  •  برتن وغيره ٺاهڻ جا دوڪان.
  •  رنگن ٺاهڻ واريون فيڪٽريون.
  •  ڊکڻ ۽ فنيچر شاپ وغيره.
  •  اسٽيٽ ايجنسي.
  •  تعيمارتي شعبي سان تعلق رکندڙ دوڪان.

هيٺيان ڪاروبار وقت 0800 بجه کان 1600 بجه تائين سومرکان خميس تائين کليل رهندا.
  •  ڪميونٽي مارڪيٽون.
  •  اڪيلو دوڪان يا اهي دوڪان جيڪي هڪ ٻئي کان ڪجھ مفاصلي تي هجن جيڪي رهائشي علائقن يا گھٽين ۾ موجود هجن.

جمعو ، ڇنڇر آچر مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو ويندو پر ريزڪي دوڪان ، جنرل اسٽور ، بيڪريز ، مرغي ، گوشت ، مڇي، فروٽ ، ڀاڄي جا دوڪان جمعو، ڇنڇر ، آچر تي وقت 0800 بجه کان 1700 بجه تائين کليل رهندا ، ان کان علاوه هيٺين صورتن ۾ پورو هفتو ڪنهن به وقت لاڪ ڊائون لاڳو نه هوندو.
  •  ميڊيڪل ايمرجنسي.
  •  گڊز ٽرانسپورٽ
  •  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ملازمن تي
  •  ميڊيڪل ۽ ان سان لاڳاپيل اسٽاف.
  •  بجلي ، گئس ، پاڻي , سيوريج جو ٽيڪنيڪل اسٽاف .
  •  ميونيسپل جو آن ڊيوٽي اسٽاف
  •  فلاحي ادارن جا ماڻهو .
  •  راشن ورهائڻ.
  •  پوسٽل ، ڪوريئر سروس
  •  اخبار وڪرو ڪرڻ وارا.
  •  نمائنده ، ميڊيا سان لاپيل ماڻهو
  •  ميڊيڪل اسٽور جيڪي اسپتال سان گڏ يا اسپتال ۾ اندر آهن__


Post a Comment

0 Comments