Makhdoom Bilawal Shaheed





حضرت مخدوم بلاول شهيد 856ھ بمطابق 1451ع ۾ حسن سمو جي گهر ۾ هاڻوڪي ڄامشورو ضلعو جي ڳوٺ ٽلٽيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق سنڌ جي سمه حڪمران گهراڻي سان هو. سندس وڏا اصل ۾ لسٻيلو جا رهاڪو هئا ۽ سومرن جي سنڌ تي حڪومت واري دور ۾ اتي حاڪم طور مقرر هئا. بعد ۾ مخدوم بلاولٽلٽي مان لڏي هاڻوڪي دادو ضلعو ۾ ڳوٺ باغبان ۾ رهائيش اختيار ڪئي. باغبان هاڻوڪي ڳوٺ مخدوم بلاول جو پراڻو نالو آهي. هت وڏي مسجد تعمير ڪرائي، مدرسو قائم ڪري درس تدريس شروع ڪيائين. مدرسي ڀرسان آڏاڻو قائم ڪيائين جيڪو پاڻ ۽ سندس شاگرد هلائيندا ۽ ڪپڙو ٺاهيندا هئا. آڏاڻي جي اپت تي سندس، مدرسي ۽ شاگردن جو گذران ٿيندو هو۔
مخدوم بلاول جو ننڍپڻ ۾ ديني ۽ اسلامي تعليم ڏانهن گهڻو لاڙو رهيو. شروعاتي تعليم سيد شهاب الدين شاهه بخاري پاران قائم مدرسي ۾ سيد نور حسين شاهه بخاري وٽان حاصل ڪيائين. مخدوم صاحب ناظره قرآن ۽ فقهه جي ڪتابن سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسي علم پرايائين. ديني تعليم پرائي پنهنجي وقت جو وڏو شرعي علم جو ماهر ۽ فقيه بڻيو. سدائين عبادت زهد ۽ تقوى گذاريائين. سندس ناماچار سڄي هندستان ۾ ڦهلي. سندس ڪيئي شاگرد ۽ پوئلڳ هئا. مخدوم صاحب جي فارسي ۾ صوفياڻي ڪلام جو به ذڪر ملي ٿو. ظاهري علمن جو وڏو علام ۽ علامه هو. هڪ دفعي مخدوم ٻيڙي ۾ سوار ٿي سيوهڻ وڃي رهيو هو، مير بحر خوب گاريون ڏيئي رهيو هو ۽ ڪنهن جو چيو نه ٿي ورتائين، مخدوم صاحب ڇا ڪيو جو پنهنجي ٽوپي کڻي سندس مٿي تي رکيائين ته مهاڻو جهٽ گارين گندن کان خاموش ٿي ويو ۽ اُتي جو اُتي قرآن ۽ حديث جو واعظ شروع ڪري ڏنائين. مخدوم بلال علم حديث جو وڏو عالم ۽ تفسير جو وڏو ماهر هو ۽ پنهنجي زماني ۾ وڏي کان وڏو عالم ليکجڻ ۾ آيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن شعر به موزون فرمائيندو هو.
مخدوم صاحب ٽلٽي واري ٻين جنگ ۾ شاھ بيگ ارغون جي خلاف سمن جي مدد ڪئي ھئي . جنت السنڌ مطابق: جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ شاه بيگ، مخدوم بلال تي ڏنڊ رکيو جو هن ڀري ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ارغونن پوءِ دغا ڪري هن درويش تي ڪفر ۽ الحاد جي تهمت رکائي ۽ پنهنجي هٿ ٺوڪين ملن کان فتويٰ وٺي، هنن سنڌ جي هن بي مثل محب وطن کي گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪري ڇڏيو. مخدوم صاحب جو عاليشان قبو، باغبان، دادو تعلقي ۾ موجود آهي ۽ مٿس سڀ ڪنهن ماه جي پهرئين جمعي جي رات ميلو لڳندو آهي۔
ڪن تاريخي تذڪرن ۾ لکيل آهي ته ميران محمد جونپوري سنڌ ۾ مهدوي تحريڪ ڦهلائڻ چاهي پئي جيڪا ڳالهه محب وطن عالم ۽ فقيه مخدوبزم بلاول کي نه ٿي آئڙي. ميران محمد جونپوريسنڌو درياھ وسيلي سن وٽان گذريو ته مخدوم بلاول جو پوئلڳ حيدر سنائي سندس راھ ۾ رڪاوٽ بڻيو ۽ جونپوري واپس موٽي ويو. مخدوم بلاول کان وير ميران محمد جونپوري مرزا شاه بيگ ارغون معرفت ورتو ۽ کيس سازش سان شهيد ڪرايائين. ڪن تاريخن ۾ اهو به ذڪر آهي ته جڏهن مرزا شاھ بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو ته مخدوم بلاول ۽ سندس شاگردن ۽ بلاولي تحريڪ جي پوئلڳن شديد مزاحمت ڪئي جنهنڪري کيس شاھ بيگ ارغون سازش سان شهيد ڪرائي ڇڏيو. مخدوم صاحب کي929ھ بمطابق 1522ع ۾ شهيد ڪيو ويو.روايت آهي ته کيس گھاڻي ۾ پيڙھائي شھيد ڪيو ويو هو-

Post a Comment

0 Comments